سوامي ڪيشوداس مهاراج

سوامي ڪيشوداس مهاراج: سنت سوامي ڪيشو داس مهراج 1863ع ۾ خيرپورميرس ۾ شري ديارام جي گهر پيدا ٿيو. اٺن سالن جي عمر ۾ ڪيشو داس کي علم پرائڻ لاءِ ڪاشيءَ موڪليو ويو. ڪاشيءَ ۾ هن سوامي امرانند کان سنسڪرت سکي ۽ پوءِ ويدانت، ميمانسا شاستر، نياءُ شاستر ۽ ٻين انمول گرنٿن جو اڀياس ڪيو. 18 سالن جي عمر ۾ هو ڪاشيءَ مان اڀياس ڪري خيرپور واپس آيو. سوامي ڪيشوداس مهاراج سادگيءَ جي صورت هو. خيرپورميرس ۾ سندس درٻار هُئي ۽ روهڙيءَ ۾ به سندس آستان هو. روهڙيءَ ۾ سندس صحبت نصير فقير ۽ سائين بيڪس سان ٿي. سوامي 1994ع ۾ بيمار ٿيو، جنهن سبب وفات ڪيائين. سنت گرداس رام سندن گاديءَ تي ويٺو. سندس درٻار صاحب خيرپورميرس، روهڙي ۽ احمد آباد ۾ آهي.


لفظ سوامي ڪيشوداس مهاراجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو